گندو پاڻي وهڻ جي ذميوار واٽر بورڊ جي آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي( م ڊ ) پاڻي ڪميشن واٽر بورڊ کي شهر ۾ گندو پاڻي وهڻ جي ذميوار آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ايم ڊي  بورڊ خالد محمود شيخ پيش ٿيو. پاڻي ڪميشن جي سربراهه ايم ڊي واٽر بورڊ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايم اي جناح روڊ تي سيوريج جي پاڻي سبب ايمبولينس به ڦاسي پئي، واٽر بورڊ جي اختيارين ٻڌايو ته ڪجهه ڪم ٿيو هو ۽ روڊ صاف ڪيو ويو هو پر اڄ صبح وري ليڪيج ٿي آهي. پاڻي ڪميشن جي سربراهه چيو ته روايتي ڳالهيون نه ڪيو، لاڳاپيل ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪيو، جتي به اهڙي قسم جو مسئلو پيش اچي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، لکت ۾ خاطري ڪرايو ته اڳتي اهڙي شڪايت نه ايندي، ڇا توهان وٽ برطرفي جو آپشن ناهي، ڪڍو ذميوار آفيسرن کي، 2 سئو آفيسرن کي ڪڍو ۽ نوان آفيسر رکو. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته 10 12 آفيسرن کي ڪڍيو به آهي، هائيڊرنٽ مافيا منهنجي پويان آهي ۽ هائڊرينٽس متاثرن جي نالي سان گروپ ٺاهيو ويو آهي. پاڻي ڪميشن ايم ڊي واٽر بورڊ کي شڪايتي نظام فوري طور دست ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته توهان ميرٽ تي ڪم ڪيو ۽ قابل ماڻهن کي ڀرتي ڪيو، توهان جو عملو نااهل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *