گم ٿيل ماڻهن کي آسمان کائي ويو، زمين ڳهي وئي يا قبر ۾ هليا ويا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي( م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پتو لڳايو وڃي ته گم ٿيل شهرين کي آسمان کائي ويو، زمين ڳهي وئي يا قبر ۾ هليا ويا؟  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 100 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.  جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي گمشدگي کي ڪيترائي سال گذرڻ باوجود پوليس پتو نه لڳائي سگهي آهي، جاچ آفيسر پوليس ۾ نوڪري جي قابل ئي نه آهن، گهر وارا روئيندا پيا وتن، عدالت ۾ اچي پٽون پاراتا ڏين ٿا،  گم ٿيل شهرين کي آسمان کائي ويو، زمين ڳهي وئي يا قبر ۾ هليا ويا، ڪجهه ته معلوم ڪيو.  ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته جن گم ٿيل شهرين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه آهن تن جي ٽريول هسٽري نه ٿي ملي سگهي. هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر کي طلب ڪندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي حڪم ڏنو ته گم ٿيل شهري عبدالقادر جي ڪيس جي جاچ لاءِ ايس پي سطح جو آفيسر مقرر ڪيو وڃي.  جسٽس نعمت الله چيو ته اسان جي نظر ۾ صوبائي ٽاسڪ فورس ناڪام ادارو آهي، ڪيتريون ئي جي آءِ ٽيون ٿي وينديون آهن، اها خبر نه پوندي آهي ته گم ٿيل ڇو ۽ ڪيئن ٿي رهيا آهن،  پوليس آفيسر رڳو فائلون کڻي گهمندا آهن، اهڙن اهلڪارن کي پوليس ۾ نه هئڻ گهرجي،  گهرو سيڪريٽري کي لکون ٿا ته عدالت ۾ اچي ويهي ۽ پنهنجي پوليس جو حال ڏسي.  سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي جيل کي گم ٿيل شهرين بابت قيدين جو رڪارڊ جاچ آفيسرن کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي گهرو، پوليس ۽ ٻين کان 25 اپريل تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *