گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي ڪنهن حڪومت سنجيدگي ناهي ڏيکاري: نيب چيئرمين

اسلام آباد(بيورو) نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته گم ٿيل ماڻهن واري معاملي کي سياسي بڻايو ويو  پر ڪنهن حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري. سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ هو ته ڪميشن 153 ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي آهي جڏهن ته جولاءِ 2018ع تائين 3 هزار 4 سئو 62 ماڻهو گم آهن، ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خلاف ڪارروائي جو اختيار اسان وٽ ناهي. جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته 200 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ دفاعي ادارن به پنهنجي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي، ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي خلاف ڪارروائي بچاءَ واري وزارت وٽ موجود آهي. هن چيو ته سياسي شخصيتن جا 2 پٽ گم ٿيا ته چيو ويو ته مسنگ پرسنز آهن، 3 مهينن کان پوءِ خبر پئي ته هو پنهنجي مرضي سان جهاد لاءِ افغانستان ويا آهن. نيب چيئرمين چيو ته مسنگ پرسنز جي معاملي کي سياسي بڻايو ويو پر ڪنهن حڪومت سنجيدگي ناهي ڏيکاري، سنجيدگي جو اِهو عالم سنڌ حڪومت مسنگ پرسنز ڪميشن جي آفيس کي ڪيرائڻ جي لاءِ بلڊوزر موڪليو هو، آئون چاهيان ٿو ته مسنگ پرسنز جو ڪيس هاڻ ڪير ٻيو ڏسي ڇو ته نيب ۾ گهڻو ڪم آهي، مسنگ پرسنز جي حوالي سان سڀ کان اهم ڪردار پارليامينٽ جو آهي جڏهن ته ايبٽ آباد ڪيمشن جي رپورٽ شايع ٿي وڃي ها ته گهڻيون شيون واضح ٿي وڃن ها. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ منهنجو ادارو آهي ۽ چيف جسٽس سان ملاقات خوشگوار رهي جڏهن ته چيف جسٽس ريفرنس داخل ڪرڻ کي ڳجهو رکڻ جو ناهي چيو پر هن نيب جاچ کي جڳهو رکڻ جو چيو آهي.  صحافي سوال ڪيو ته پرڏيهه مان پيسا آڻڻ جي حوالي سان نتيجا ڪڏهن ملندا، نيب چيئرمين چيو ته پرڏيهه مان رقم واپس آڻڻ جي حوالي سان جلد سٺي خبر سامهون اچي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *