گم ٿيل ماڻهن وارو ڪيس: اسان کي الله کي جواب ڏيڻو پوندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فاضل جج گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا ته اسان کي الله کي جواب ڏيڻو پوندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 50 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي ٿي ته روايتي پوليس رپورٽن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته هر ڀيري هڪ جهڙي رپورٽ کڻي ايندا آهيو اسان کي الله کي جواب ڏيڻو پوندو. هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي جاچ آفيسرن جي بدلين کان به روڪيندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس کي گم ٿيلن جي معاملن کي ذاتي طور تي ڏسڻ جو حڪم ڏنو.  جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته جاچ آفيسر تبديل ٿيڻ جي ڪري ڪيس دير جو شڪار ٿيا آهن، آفيسر تبديل ڪرڻ کان پهرين عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. گم ٿيل شهري جي گهرواري عدالت ۾ فرياد ڏيندي چيو ته منهنجو مڙس 2017ع کان گم آهي پر هڪ به جي آءِ ٽي سيشن ناهي ٿيو.  عدالت ڊي ايس پي ڪورنگي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان عدالتي حڪمن کي ڇو ناهيو مڃيندا. عدالت گم ٿيل ماڻهن جي جي آءِ ٽيز بابت حڪم تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ايس ايس پي ڪورنگي کان جواب طلب ڪري ورتو. گم ٿيل نوجوان جي ماءُ چيو ته منهنجو هڪ ئي پٽ آهي ساجد علي جنهن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا کڻي ويا هئا ۽ هو 4 سالن کان گم آهي، 6 ڌيئرون آهن گهر ۾ ڪمائڻ وارو ڪير به ناهي. گم ٿيل نوجوان جي پيءُ درخواستگذار حنيف عدالت ۾ روئندي چيو ته مون کي بس ايترو ٻڌايو ته منهنجو پٽ زندهه آهي يا مري ويو. هڪ ٻئي گم ٿيل نوجوان جي ما5 چيو ته منهنجو پٽ جاويد 2 سالن کان گم آهي ۽ رينجرز وارن وٽ آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *