ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليسي رپورٽن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته پوليس رپورٽون افسانوي ۽ قصن ڪهاڻين تي ٻڌل هونديون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ 50 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت گم ٿيل ماڻهن جي عدم بازيابي تي پوليس اختيارين تي ڪاوڙ ۽ جي آءِ ٽي ٽيز رپورٽن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته پوليس رپورٽون افسانوي ۽ قصي ڪهاڻين تي ٻڌل هونديون آهن، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي وارثن ۽ عزيزن سان ڀريل آهي، حڪوتم ان معاملي ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪري. عدالت حڪم جاري ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو وڃي. گم ٿيل ماڻهن جي وارثن عدالت کي ٻڌايو ته سندس ڀاءَ رضوان کي پي آءِ بي ڪالوني مان حراست ۾ ورتو ويو هو پر هن وقت تائين هن بابت ڪجهه خبر ناهي پئي. ان کان سوا3 هڪ درخوسات ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته غفور کي نيو ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ 2014ع کان هن وقت تائين 8 جي آءِ ٽيز ٿي چڪيون آهن پر ڪو به نتيجو ناهي نڪتو. عدالت کي اِهو به ٻڌايو ويو ته فيڊرل بي ايريا مان نور زمان کي 2015ع ۾ گم ڪيو ويو ۽ سنسد وڪيل ٻڌايو ته هن وقت تائين 6 جي آءِ ٽيز ٿي چڪيون آهن پر نور زمان جي باري ۾ ڪا به خبر ناهي پئي.