ڪراچي (م ڊ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنگين ڪيسن جي انتهائي پروفيشنل طريقي سان جاچ ڪئي وڃي، ڪراچيءَ ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته مثالي سزائون تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهن ٿيون، جڏهن جاچ سٺي ٿيندي، ڪراچيءَ ۾ امن امان تي ڪنهن صورت ۾ سمجهوتو نه ڪندس، ڪنهن جي سياست تي مون کي ڪو اعتراض ناهي، ڪنهن کي افراتفري جي صورتحال پيدا ڪرڻ نه ڏيندس، گم ٿيل ماڻهن جي نالن تي ملڪ کي بدنام به ڪيو پيو وڃي، جيڪي پاڻ ٻاهر ويا، انهن جي گمشدگي قانون نافذ ڪندڙ ادارن تي وڌي پئي وڃي.