گمبٽ ڀرسان نوجوان سولر لائٽ جي پول تان ڪـِري فوت ٿي ويو..
ڪولاب جيئل جي ڳوٺ شيخ طيب ۾ نوجوان حافظ ضياءُ الرحمان پنھور سولر لايٽ جي پول تي چڙھي لائٽ سيٽ ڪرڻ دوران اوچتو هيٺ ڪري پيو.
نوجوان کي زخمي حالت ۾ گمس اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
فوتي جا وارث مڙهه پوسٽ مارٽم بعد ڳوٺا کڻائي ويا جڏهن ته سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.