اسلام آباد(بيورو)آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ وڌيڪ 15 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ خراب موسم سبب حادثن ۾ فوتين جو انگ 109 ٿي ويو آهي جنهن ۾ 5 فوجي جوان به شامل آهن.ميڊيا رپورٽ موجب برفاني ڇپون ڪرڻ سبب آزاد ڪشمير جي وادي نيلم سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿي جتي 74 ڄڻا فوت ٿيا ۽ گلگت بلتستان جي مٿانهين علائقن ۾ مسلسل چوٿين ڏينهن به زميني ۽ فون جا رابطا ڪٽيل رهيا. ضلع استور ۾ اختيارين ٻڌايو ته برفاني ڇپون ڪرڻ سبب 2 مختلف علائقن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار کان علاوه 5 فوجي جوان به شهيد ٿيا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن.مقامي انتظاميه جو چوڻ آهي ته شهيد ٿيندڙ پنج ئي جوان فوج جي انجنيئرنگ ڪور سان تعلق رکندا هئا ۽ هو استور جي علائقي ڊومبا باهو ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ سبب شهيد ٿيا. اختيارين موجب شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي سڃاڻپ لانس نائيڪ بنارس اقبال، لانس نائيڪ عبدالرزاق، ايس پي آر محمد رفيق، ايس پي آر شهزاد اڪرم ۽ ايس پي آر عمار علي جي نالي سان ٿي آهي.سمورين لاشن کي گلگت منتقل ڪيو ويو آهي. برفاني ڇپن استور ۾ گهرن کي به نقصان پهچايو جتي ڪجهه وقت اڳ زلزلو به آيو هو. مقامي ماڻهن طرفان ملندڙ شڪايتن موجب ڪجهه روڊ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بلاڪ آهن جنهن سبب زخمين کي اسپتال ناهي پهچايو ويو. اختيارين طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب گلگت بلتستان ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي ۽ ضلعي انتظاميه علائقي ۾ روڊن جي صفائي ۽ ٽيلي مواصلات، بجلي ۽ بنيادي انفرا اسٽرڪچر جي بحالي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. شاهراهه قراقرم جو گلگت کان راولپنڊي جو حصو مڪمل طور تي بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن(ايف ڊبليو او) خيبرپختونخواهه جي پتون، مته بندا، تته پاني ۽ ديا مير ۾ روڊن تان رڪاوٽون هٽائي ان کي کوليو ويو آهي ان کان علاوه گلگت تاغزر روڊ به ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي.