هنزه (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت کي هاڻ وڃڻو پئي پوندو.گلگت بلتستان جي ضلعي هنزه ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گلگت بلتستان سي پيڪ جو دَر آهي، سي پيڪ سڀ کان اڳ گلگت بلتستان ۾ شروع ٿيڻ گهرجي ها، توهان سي پيڪ جي دَر تي آهيو ۽ توهان کي پڇڻو پئجي رهيو آهي ته سي پيڪ ڪٿي آهي؟هن چيو ته اسان گلگت بلتستان جي عوام کي آئيني صوبو ڏينداسين، سي پيڪ سميت سڀني منصوبن ۾ هتان جي عوام کي روزگار ڏينداسين، اميد ته هتان جو عوام اسان جو ساٿ ڏيندو.سندس چوڻ هو ته مان گلگت بلتستان جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي رهيو آهيان، مون کي محترمه بينظير ڀٽو جو مشن پورو ڪرڻو آهي، هتان جي عوام کي انهن جا حق ڏينداسين، هتان جي عوام سان پراڻو رشتو آهي، پ پ پنهنجي تاريخ ورجائيندي گلگت بلتستان جي عوام کي حق ڏياريندي.پ پ چيئرمين چيو ته گلگت بلتستان جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته حڪومت کي هاڻ وڃڻو ئي پوندو، حڪومت جي ڪوشش آهي ته مون کي صوبي بدر ڪيو وڃي ته جيئن ڌانڌلي ڪري سگهجي، اپوزيشن جماعتن کي چونڊ عمل کان ٻاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڌانڌلي هوندي، ڪنهن کي به گلگت بلتستان جي عوام جي ووٽن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين.