گلشن حديد  جي اربع بازار وارو خوني واقعو؟

December 12, 2024 at 11:46 pm

ڪراچي گلشنِ حديد فيز ٽو ۾ ايل سيون مارڪيٽ جي ڀرسان وسيع پلاٽ جتان پاڻي جون لائينون گذرن ٿيون اتي وڏي عرصي کان بچت بازار جنھن کي بدھ بازار اربع بازار سڏيو وڃي ٿو لڳائي ويندي آھي جيڪا ڪراچي جي وڏين بچت بازارن مان ھڪ آھي. اڄ ڪالهھ جون ھي بازارون به ڀتا خور مافياز جي حوالي آھن جتان ھر ھفتي لکين رپيا رڳو ڀتي ۾ وصول ڪيا وڃن ٿا ۽ اسٽال لڳائيندڙ مافيا کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏين ٿا ته ھو بچت جي نالي عوام جو رت ڀل چوسين اڪثر اسٽال لڳائيندڙ ڌاريا انھن ۾ به ھاڻ وانا وزيرستان ۽ افغاني آھن  چند اسٽال ڪي سنڌين جا ھوندا سي به معمولي شين جا ! ڏسجي ته گلشن حديد سميت ڀرپاسي ۾ھاڻ سنڌي آبادي وڏي انگ ۾ آھي ۽ ھتان خريداري به سنڌي وڏي انگ ۾ ڪن ٿا پر اتي ڪاروبار جي اجازت ناھي جيستائين ٺيڪيدار ۽ ڀتا مافيا ساڻن راضي نه ٿئي .120

ھتي جھيڙا به معمول جو حصو بڻيل آھن ۽ اُھي به سنڌين سان ڌارين جا ۽ افسوس جي ڳالهه ھي آھي ته ڀتا خور ۽ انھن جا سرپرست به ڌارين جا مددگار ٿين ٿا .

ڪجهه ڏينهن اڳ اربع بچت بازار ۾ لڪڙو لڳائڻ واري معمولي ڳالهه تان ڌارين افغاني پٺاڻ ھٿان ھڪ نوجوان زاھد علي ميراڻي  کي بيدردي سان ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو  جيڪو باڊھ ڀرسان نئون ڳوٺ جو رھائشي  پورھيت ممتاز علي ميراڻي جو پٽ ھو روزگار سانگي اتي ترسيل ھو ۽ بازار ۾ اسٽال لڳائي روزي ڪندو ھو . ھن افسوسناڪ واقعي کان پوءِ ڌرڻو لڳايو ويو احتجاج ٿيو پر قاتل زمين خان پٺاڻ گرفتار نه ٿي سگھيو جڏھن ته  پوليس کيس گرفتار ڪرڻ وئي ته کين مزاحمت سان منھن ڏيڻو پيو مٿن پٿراءُ ڪيو ويو ھوائي فائرنگ ڪئي وئي نتيجي ۾ پوليس کي بنا گرفتاري جي واپس اچڻو پئجي ويو .

ان جي ڀيٽ ۾ ڏسجي ته ڌاريو قتل ڪري فرار ٿي وڃي ٿو ان جو اسٽال به لڳل رھي ٿو ايندڙ بچت بازار ۾ ڌاريا اڃا  وڌيڪ بندوبست سان ساڳيا اسٽال لڳائيندا به ! سوال اھو آھي ته ڀتا خور پيپلا جيڪي اتان جا مقامي عھديدار به آھن ۽ ڀتي جي حصي پتي تان ھڪ ٻئي جون ڄنگهون به ڇڪين ٿا سي زاھد علي ميراڻي جي قتل تي خاموش رھيا ڌرڻي ۾ به شامل نه ھئا نه ئي ڪنھن پيپلز پارٽيءَ جي ذميوار سندن مالڪي ڪئي .

ھي بچت بازارون عوام لاءِ سھولت ۽ بچت جو سبب ھجڻ بجاءِ ڦرلٽ ۽ علائقي ۾ بد امني سان گڏ جان جو خطرو بڻجي ويل آھن علائقي واسين کي وڏي اذيت سان منھن ڏيڻو پوي ٿو ايتري حد تائين جو بازار کان پوءِ گندگي جا ڍير لڳي وڃن ٿا پر  صفائي به نٿي ڪرائي وڃي. بازار ڏھاڙي ڀرپاسي وارن رھائشين جون چوريون ۽ سرعام کانئن ڦرون ٿيون وڃن . ضروري آھي اِھي بازارون آبادين مان ٻاھر لڳايون وڃن جڏھن ته انھن کي ڀتا خور مافيا کان آجو ڪري انتظاميه پنھنجي نگراني ۾ لڳرائي اسسٽنٽ ڪمشنر ريٽ لسٽ چيڪ ڪري عوامي شڪايتن جو ٿڏي تي نوٽيس وٺي امن و امان جي حوالي سان  پوليس پڪٽ لڳائي وڃي ، جڏھن ته بازارن ۾ ڌارين خاص ڪري وانا وزيرستان ۽ افغانين کي اجازت نه ڏني وڃي ٻي صورت ۾ ڪيترائي سنڌي نوجوان زاھد علي ميراڻي جيان ڌارين ھٿان زندگيون وڃائيندا رھندا . ھن وقت ضرورت آھي ته . نوجوان مقتول زاھد  علي ميراڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي وريون سجاڳ ڌريون پنھنجو وزنائتو ڪردار نڀائن ته جئين ڌارين کي خبر پوي ته ھي اڪيلا ناھن ۽ پنھنجن نوجوانن کي روزگار ڪرڻ لاءِ به  حوصلو ملي سگھي .

 

اي پيپر