گرينڊ اپوزيشن الائنس تي اتفاق، فضل الرحمان ايم ايم اي جي پارليامينٽ ۾ وڃڻ تي راضي

اسلام آباد (بيورو) ن ليگ، پ پ، عوامي نيشنل پارٽي ۽ متحدا مجلس عمل وچ ۾ قومي اسيمبلي ۾ گرينڊ اپوزيشن الائنس قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ايم ايم اي جي پارليامينٽ ۾ وڃڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق جي گهر ن ليگ، پ پ، ايم ايم اي ۽ اي اين پي اڳواڻن جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهباز شريف، اياز صادق، خواجا آصف، خواجا سعد رفيق، مشاهد حسين سيد، عبدالقادر بلوچ، شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا ن ليگي اڳواڻ به موجود هئا. پ پ وفد جي اڳواڻي خورشيد شاهه ڪئي، جنهن ۾ شيري رحمان، نويد قمر، قمر زمان ڪائرا، راجا پرويز اشرف ۽ يوسف رضا گيلاني شامل هئا، جڏهن ته غلام بلور، ميان افتخار، مولانا فضل الرحمان ۽ مولانا انس نوراني به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. رپورٽن موجب ن ليگ، پ پ، عوامي نيشنل پارٽي ۽ متحدا مجلس عمل وچ ۾ قومي اسيمبلي ۾ گرينڊ اپوزيشن الائنس قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. گڏيل اجلاس ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اندر ۽ ٻاهر سخت احتجاج ۽ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان حلف کڻڻ بابت ڪجهه خدشا به ظاهر ڪيا پر هو ايم ايم اي پارليامينٽ ۾ وڃڻ تي رضامند ٿي ويو. مولانا فضل الرحمان جي اسرار تي حڪومتي نمبر گيم کي آن رکڻ تي به اتفاق ٿيو، جڏهن ته چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت اپوزيشن ۾ هڪ وائيٽ پيپر به جاري ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هوڏانهن گڏيل اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو ته جلد آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي ويندي ۽ جيڪي پارٽيون ان فورم ۾ شامل ناهن، انهن کان به راءِ ورتي ويندي، اسان انهن کي به راضي ڪنداسين. هن چيو ته تاريخ ۾ ڪڏهن به اهڙيون چونڊون ناهن ٿيون، ڌانڌلي جي مذمت ڪيون ٿا، پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر ڀرپور اپوزيشن ڪنداسين. ن ليگ اڳواڻ راجا ظفر الحق چيو ته اي پي سي ۾ جن ماڻهن چونڊ عمل کي رد ڪيو، انهن سان مولانا فضل الرحمان رابطو ڪري کين رضامند ڪندو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته اڄ ڏينهن تائين هن طريقي سان گڏيل طور چونڊن ۾ ڌانڌلي کي رد ناهي ڪيو ويو، سڀني گڏيل راءِ سان تسليم ڪيو ته ڌانڌلي ٿي آهي، انهن ادارن کي شرم اچڻ گهرجي جن عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو، هر ووٽر مٿي تي هٿ ڏئي سوچي رهيو آهي ته مان فيصلو ڪجهه ڪيو ۽ منظر تي ٻيو فيصلو آيو. هن چيو ته يورپي يونين جا مبصر چئي رهيا آهن ته چونڊن ۾ بدترين قسم جي ڌانڌلي ٿي، عالمي سطح تي به خدشا اٿي رهيا آهن، اڄ سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن ۽ ميڊيا تي پابندي آهي، ميڊيا ڪا خبر نه ڏئي رهي آهي، ميڊيا اسان جا گڏجي جنگ وڙهي. فضل الرحمان چيو ته سڀني پارٽين ۾ مشاورت جو عمل جاري آهي ته حڪمت عملي ڇا هجڻ گهرجي، چونڊن کي رد ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، هاڻ وڌيڪ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙڻي آهي، ان تي اتفاق چاهيون ٿا ۽ گڏجي جنگ وڙهنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *