اسلام آباد (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گرفتار ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي نه ته پارٽي کي قدم کڻڻا پوندا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ڪارڪن ظلم خلاف آواز اٿاريندا آهن ۽ اڄ ڪارڪن پرامن انداز ۾ يڪجهتي لاءِ آيا هئا. هن چيو ته حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته اڄ ان ئي پارٽي جي حڪومت آهي، جنهن اسلام آباد کي ٻه سئو ڏينهن تائين يرغمال بڻائي رکيو ۽ اڄ اهي پ پ جي پرامن ڪارڪنن کي 30 منٽن لاءِ برداشت نه ڪري سگهيا. سندس چوڻ هو ته حڪومت جي غير جمهوري رويي جي مذمت ڪيون ٿا، پرامن ڪارڪنن خلاف حڪومت جو اهڙو قدم غير ضروري هو. پ پ چيئرمين چيو اسان ڪيترائي ڀيرا ڏٺو آهي ته غير جمهوري فورسز سامهون سرينڊر ڪيو ويندو آهي پر جڏهن جمهوريت پسند ڪارڪن آواز اٿاريندا آهن ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. نيب ۾ پيشي جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب اختيارين مون سان پيشيوراڻو رويو اختيار ڪيو، مون کان گهڻا سوال نه ڪيا ويا، رڳو 5 منٽن تائين سوال ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ سوال نامو ڏنو ويو.