گرفتار ٿيس ته آصفه ڀٽو منهنجو آواز بڻجي ايندي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته جيڪڏهن کيس گرفتار ڪيو ويو ته آصفه ڀٽو سندس آواز بڻجي ايندي. جي وي اوپل ڪيس ۾ نيب راولپنڊي آڏو پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته هو پي ٽي آءِ ايم ايف جي بجيٽ کي نٿا مڃن ۽ دٻاءُ باوجود پنهنجي جدوجهد تان نه هٽندا، جيڪڏهن کيس گرفتار ڪيو ويو ته ڀيڻ آصفه ڀٽو سندس آواز بڻجي نڪرندي، جڏهن ته هو گرفتارين جي خلاف آهن. نيب آڏو پيشي جي حوالي سان ٻڌائيندي پ پ چيئرمين چيو ته نيب ٽيم سان سندس ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هُنن سوالنامو ڏنو، هڪ سال اڳ سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو هو ته بلاول ڀٽو بيگناهه آهي، اُن باوجود هو نيب آڏو پيش ٿيو ۽ 3 ڀيرا پهرين به جواب ڏئي چڪو آهي. اهو سڀ ڪجهه سياسي انتقام ۽ ڪردار ڪُشي جي مهم آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته هو عمران خان کي ٻڌائڻ گهري ٿو ته سندس پي ٽي آءِ ايم ايف بجيٽ قبول نه آهي، اُن کي پاڙي هوا ۾ اُڏائي ڇڏيندا ۽ ظلم توڙي معاشي قتل کي وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو. ڌمڪين ۽ دٻاءُ باوجود پيپلز پارٽي جو ڪارڪن به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *