گرفتار  ٽارگيٽ ڪلر کي نٿو سڃاڻان،اها منهنجي خلاف هڪ هٿ ٺوڪي سازش آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گرفتار  ٽارگيٽ ڪلر کي نٿو سڃاڻان ۽ نه ئي ساڻس ڪڏهن مليو آهيان اهو سڀ منهنجي هڪ هٿ ٺوڪي سازش آهي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وڊيو بيان واري ڪهاڻيءَ جي تهه تائين پهچي ويو آهي، اُن جا ڏور رس نتيجا نڪرندا. پوليس کي معاملي جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ٽارگيٽ ڪلر يوسف عرف ٺيلهي واري سان ڪڏهن به ناهيان مليو، ڪالهه رات مون کي خبر پئي ته ٽارگيٽ ڪلر وڊيو بيان ۾ الزام هنيو آهي ته ساڻس مون ملاقات ڪئي هئي. آئون ڪهاڻي جي تهه تائين پهچي ويو آهيان پر پوليس کي به جاچ جي هدايت ڪئي آهي، پوليس ٻن ڏينهن جي مهلت گهري آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ٽارگيٽ ڪلر جي وڊيو واري ڪهاڻي جا اثر پري پري تائين نظر ايندا، سڀني کي خبر پئجي ويندي. واضح ڪريان ٿو ته ساڻس ملاقات نه ٿي آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته 2 ڏينهن اڳ رات جو گاڏي جي وڊيو موڪلي وئي، گاڏي جي حوالي سان پوليس کي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي، ٻئي ڏينهن ميڊيا تي خبر هلي ته ايڪسائيز کاتي کان پُڇاڻو ڪيو، خبر ناهي ته ميڊيا کي ڪيئن خبر پئجي ويندي آهي، پوليس کي سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.ايف آءِ آر داخل ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي. وزيراعليٰ هائوس سامهون گذرندڙ گاڏي جو اطلاع مليو ته ڪارروائي جي هدايت ڪئي، گورنر سان به ڳالهايو آهي ته اهڙي قسم جي گاڏي استعمال نه ٿيڻ گهرجي. هُن چيو ته سوشل ميڊيا تي هڪ گاڏي پوليس اسڪواڊ ۾ ويندي نظر آئي، هڪ گاڏي غيرقانوني نمبر پليٽ سان رستي تي هلي رهي هئي، جاچ ۾ خبر پئي ته اُها گورنر هائوس جي گاڏي آهي، جنهن جو ڪيس داخل ٿي ويو آهي. گورنر کي چوندس ته اها گاڏي رجسٽر ڪرائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *