گرفتارين سان اسان جا حوصلا پست نه ٿيندا: آصف زرداري

اسلام آباد: (بيورو)  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان ۾ پيپلزپارٽي اميدوار جي گرفتاري ڌانڌلي جي شروعات آهي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي ساک جي لاءِ عمران مخلص وزير جي آزادي کي يقيني بڻائي.آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته چونڊ عمل جي دوران پيپلزپارٽي جي اميدوار جي گرفتاري قابل مذمت ۽ چونڊ جي ساک تي سواليا نشان آهي. جڏهن ته گرفتارين سان پيپلزپارٽي جي حامين جا حوصلا پست نه ٿيندا.اڳوڻي صدر پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مريم بي بي اسان جي ڌيءَ آهي. اسان جو نظريو آهي ته جيڪو فيصلو ٿيندو متحده اپوزيشن جو ٿيندو. هڪ پارٽي جو ڪوبه فيصلو نه هوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *