اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل ٽن ورهين ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ غربت ۾ گهٽتائي جو سبب سياحت کي هٿي ڏيڻ آهي، سياحت کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قدم کڻي رهيا آهيون. تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان سان تحريڪ انصاف هزارا ڊويزن جي قومي اسمبلي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ توانائي واري وزير عمر ايوب خان، پرنس نواز الائي، صلاح محمد، علي خان جدون، عظميٰ رياض، نعيم الحق، نديم افضل گوندل، ملڪ عامر ڊوگر ۽ ارشد داد موجود هئا. قومي اسمبلي جي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي تڪ جي عوام کي پيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي قومي اسمبلي جي ميمبرن کي خاطري ڪرائي ته عوامي مسئلن جي حل لا ڪم ڪيو ويندو. ان موقعي تي وزيراعظم اهو به چيو ته خيبرپختونخوا ۾ سياحت جا بيشمار موقعا موجود آهن. گذريل ٽن سالن ۾ صوبي ۾ غربت جي شرح ۾ گهٽتائي جو ڪارڻ سياحت کي هٿي ڏيڻ آهي. هن قومي اسمبلي جي ميمبرن کي ٻڌايو ته سياحت جي موقعن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، سياحت ذريعي صوبي ۾ وڌيڪ خوشحالي ايندي. سياحت کي هٿي ڏيڻ ۾ مقامي ماڻهن کي ڪاروبار جا وڌيڪ موقعا ڏينداسين.