اسلام آباد: (بيورو) قومي احتساب بيورو(نيب) جي چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته گذريل 20 مهينن دوران نيب پاران ڪرپٽ ماڻهن کان 71 ارب روپين جي اوڳاڙي ڪئي وئي آهي جنهن کي قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.نيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هڪ سال ۽ اٺ مهينن جي دوران نيب پاران 600 ريفرنسز احتساب عدالت ۾ داخل ڪيا ويا.هن چيو ته نيب مختلف جعلي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪن کان فراڊ ذريعي ڦٻايل اربين روپيه هٿ ڪري متاثر ماڻهن تائين پهچائي ڇڏيا آهن. هن جو چوڻ هو ته نيب پنهنجي ٺهڻ کان وٺي هينئر تائين ڪرپٽ ماڻهن کان 326 ارب روپيه هٿ ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.نيب چيئرمين چيو ته نيب آفيسر بدعنواني خلاف جنگ ۾ پنهنجو قومي فرض ادا ڪندي سخت محنت ۽ ديانتداري سان ڪم ڪري رهيا آهن.