گذريل حڪومت کنڊ تي 22 ارب جي سبسڊي ڏني، سڀني خلاف ڪارروائي ٿيندي:فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد( بيورو چيف ) سڌ سماءَ بابت وزير اعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان اٽو ۽ کنڊ جي بحران بابت رپورٽ منظر عام تي آڻي عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي،رپورٽ ۾ حڪومتي شخصيتن جي نشاندهي خود احتسابي جي مثال آهي، رپورٽ ۾ شريف گروپ جي بدمعاشي به بي نقاب ٿي وئي آهي، اٽي ۽ کنڊ جو بحران پيدا ڪري عوام کي مشڪلاتن ۾ وجهندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اڄ حڪومت ريليف جي لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪري رهي آهي، شهباز شريف اٽي ۽ کنڊ جي بحران تي بغليون نه وڄائي، رپورٽ سلمان شهباز کي هڪ ارب 40 ڪروڙ رپيا سبسڊي ڏيڻ جو به ذڪر آهي، ڏسون ٿا ته شهباز شريف پنهنجي سپوت کي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪڏهن ٿو لنڊن مان واپس گهرائي. هن حڪومت 3 ارب جڏهن ته گذريل حڪومت 22 ارب رپين جي سبسڊي ڏني هئي. کنڊ برآمد ڪرڻ جي لاءِ شريف حڪومت 22 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي. اها بد قسمتي آهي ته 5 سيڪڙو ماڻهن 95 سيڪڙو ماڻهن جا حق دٻايا هئا. رپورٽ ۾ جنهن جو به ذڪر آهي ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *