ڪراچي (هه آ) صحت ۽ پاپوليشن ويلفيئر بابت صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته گدلي پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جو تدارڪ ممڪن آهي جيڪڏهن وڏي پيماني تي آگاهي مهم هلائي وڃي. پيئڻ جو اُٻاري پيئڻ سان خطرناڪ بيمارين کي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالهه اڄ هن پنهنجي آفيس ۾ سنڌ اندر ايڪس آر ڊي ٽائيفائيڊ جي پکڙجڻ واري تدارڪ بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل صحت اسلام آباد ڊاڪٽر ارشد، اسپيشل سيڪريٽري صحت سنڌ نسيم الغني سهتو ۽ ڊائريڪٽر جنرل صحت سنڌ ڊاڪٽر مبين احمد، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن ڊاڪٽر جمال ۽ ڊاڪٽر ساره سلمان پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انهيءَ ڳالهه جو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ايڪس آر ڊي ٽائيفيڊ جي پکڙجڻ جي تدارڪ لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي، صحت، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، لوڪل گورنمينٽ، واٽر بورڊ ڪراچي ۽ واسا حيدرآباد جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي بڻائي وڃي. ان کان علاوه ڄاڻايل مرض جي سڃاڻپ لاءِ ڪراچي ۾ ٻه ۽ سنڌ جي ٻين حصن ۾ ٽي مرڪز قائم ڪيا ويندا. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو لاڳاپيل ڊائريڪٽرن کي هدايت ڏني ته ڄاڻايل بيماري جي ڄاڻ لاءِ پوليو ورڪرن کي ڪم تي لڳايو ۽ انهن کي بيماري بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ وارو مواد ورهائڻ لاءِ ڏنو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي صوبي ۾ ايڪس آر ڊي ٽائيفائيڊ جي 7909 مريضن جي نشاندهي ٿي آهي جنهن ۾ وڌيڪ سانگهڙ ۽ حيدرآباد جا مريض رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ اهو پڻ فيلو ڪيو ويو ته هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي وڌيڪ فعال ڪيو وڃي ۽ سڄي صوبي جي ليباريٽرين ۾ مقرر ڪيل طريقه ڪار کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهيءَ مرض جي خاتمي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو.