گاريون ڏيڻ سان ڪو سياستدان نٿي ٿي سگهي، يوٽرن وٺڻ خراب عمل آهي ؛راجا پرويز اشرف/نواب وساڻ

خيرپور(رپورٽ؛شاهد نواز سيال)  اڳوڻو وزير اعظم راجا محمد پرويز اشرف، اڳوڻو گورنر پنجاپ لطيف کوسو، اڳوڻو گورنر ڪي پي ڪي ڪوثر، وزير اعليٰ جي خاص معاون نواب علي وساڻ، پي پي پي ڪي پي ڪي جي صدر همايون خان وساڻ هائوس خيرپور ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي اڃان ٽي مهينا گذريا آهن اڃان هن تي تنقيد ڪرڻ مناسب ناهي پر ٽي مهينا گذرڻ باوجود پارليامينٽ ۾ قانونسازي نه ٿيڻ جمهوريت ۽ سسٽم سان زيادتي آهي، پارليامينٽ ۾ قانونسازي ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن قانونسازي نه ٿي ته ايندڙ راءِ عمل جو اعلان ڪنداسين، پيپلز پارٽي جي قائدين تي هميشه ڪيس ٿيندا رهيا آهن جيڪا ڪا نئين ڳالهه ناهي، نواز شريف جي دور حڪومت ۾ شهيد راڻي تي به ڪيس ٺاهيا ويا، هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم سميت تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي اڳواڻن تي نيب جا ڪيس هلي رهيا آهن، گاريون ڏيڻ سان ڪو سياستدان نٿي ٿي سگهي، يوٽرن وٺڻ خراب عمل آهي پر عمران خان يوٽرن کي چڱي ڳالهه چئي رهيو آهي جيڪا ڳالهه سمجھ ۾ نٿي اچي، پارليامينٽ هڪ سپريم ادارو آهي جنهن جي عزت ڪرڻ هر فرد تي فرض آهي، موجوده وفاقي حڪومت ٽن مهينن اندر بغير ڪو قرض وٺڻ جي ارڙنهن سئو ارب ڊالرن جي قرضي ٿي وئي آهي هن وقت ڊالر آسمان سان ڳالهائي رهيو آهي پيٽرول بجلي جا ريٽ وڌي رهيا آهن جنهن جي ڪري غريب عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي هن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي 51هين يوم تاسيس جو ڪامياب جلسو ٿيو جنهن مان ثابت ٿيو ته پاڪستان جي عوام پاڪستان پيپلز پارٽي سان محبت ڪري ٿي ۽ عوام ۾ وڏو جذبو ۽ ولولو نظر آيو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو 51 سال اڳ جمهوريت جو جھنڊو ڦرڪايو اهو اڄ به سرخرو آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي ووٽ ڏيڻ جو حق سيکاريو، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڀاشا ڊيم تي ڪو به اعتراض ناهي، پر ڊيم اها ٺهڻ گهرجي جنهن ۾ پاڪستان جا تمام صوبا متفق هجن ۽ پاڻي جي ورهاست درست هجي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پپيلز پارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ سرائڪي صوبي لاءِ اسيمبلي ۾ ريزيوليشن پاس ڪرايو هيو سرائڪي صوبو ٺهڻ گهرجي نه ڪي هن تي سياست کيڏي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *