ڪراچي (م ڊ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته سياسي ڪارڪنن تي دهشتگردي جو ڪيس مذمت جوڳو عمل آهي، ملڪ جو آئين جمهوري آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته سياسي ڪارڪنن جمهوريت جي طاقت آهن، اظهار جي آزادي تي پابندي قبول ناهي. هن چيو ته پ پ جي حڪومت ۾ ڪو به سياسي قيدي نه هو، ڇو ته جمهوريت جي طاقت اهي ئي سياسي ڪارڪن هوندا آهن. آصف زرداري جو چوڻ هو ته گارين ۽ گولين جي سياست جهوريت جي دشمن آهي، جن جي وات تي رڳو گاريون آهن، اهي ملڪ ۽ عوام کي ڇا ڏيندا؟. هن اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ محفوظ ماحول فراهم ڪيو وڃي، ڪجهه به ٿئي، بلاول عوام کان پري نٿو رهي سگهي.