گاجي کهاوڙ (رپورٽر) :گاجي کھاوڙ ڀرسان ٻارن جي معمولي ڳالهه تان ڏيپر برادري ۾جهيڙو فائرنگ ھڪ قتل ٽي ڄڻا سخت زخمي، زخمين کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ، تفصيل موجب گاجي کھاوڙ ڀرسان ڳوٺ مينھون ڏيپر ۾ ڏيپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان گذريل ڏينهن منھن ماري ٿي ھئي. جنهن تان ڪالھ ٻني تي لابارو ڪندڙ مٿان ٻئي ڌر فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ 22سالاعنايت ﷲ پٽ ﷲڏنو ڏيپر قتل ۽ امام دين، عرفان، رشيد سخت زخمي ٿي پيا جن کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ھوڏانھن ھن مھل تائين ڪيس داخل نٿي سگھيو