ڪڻڪ جي ننڍن آبادگارن ۽ هارين لاءِ سرڪار پاران ڏنل بارداڻو ڪرپشن جي نظر ٿي ويو

نئون ديرو(رپورٽر) ڪڻڪ جي ننڍن آبادگارن ۽ هارين لاءِ سرڪار پاران ڏنل بارداڻو ڪرپشن جي نظر ٿي ويو، رشوت عيوض ڪلارڪ مان فوڊ انسپيڪٽر جي چارج حاصل ڪندڙ محرم ڪٽپر پنهنجي سيٽ تي غير واسطيدار پنهنجي ڀاءُ کي سينٽر جي نگرانيءَ تي ويهاري پاڻ مسلسل سينٽر تان غائب، بارداڻو وٺڻ لاءِ ايندڙ آبادگار سڄو ڏينهن سينٽر تي نٽهڻ اس ۾ انتظار ڪري واپس موٽڻ تي مجبور، بارداڻي جي ورڇ کي شفاف بڻائي نيب ۽ اينٽي ڪرپشن عملدارن کان فوڊ انسپيڪٽر خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو. خبر موجب ڪڻڪ جي ننڍن آبادگارن ۽ هارين لاءِ سرڪار پاران ڏنل بارداڻو آبادگارن ۽ هارين کي ڏيڻ بدران فوڊ انسپيڪٽر محرم ڪٽپر جي مبينه ڪرپشن جي نظر ٿي ويو. انعام جوڻيجو، امتياز علي ڪنڀر، نسيم مڱڻيجو، خليل مڱڻيجو، نياز حسين، نبي بخش مڱڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ننڍن آبادگارن ۽ هارين شهيد راڻي بينظير ڀٽو پريس ڪلب نئون ديرو ۾ فوڊ انسپيڪٽر جي ڪيل ڪرپشن خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته فوڊ انسپيڪٽر محرم ڪٽپر سينٽر تان غائب رهي ٿو جڏهن ته سندس ڪرسيءَ تي سڄو ڏينهن خوراڪ کاتي جو غير واسطيدار سندس ڀاءُ سهيل ڪٽپر ويٺل رهي ٿو جيڪو فون ذريعي سينٽر تي ٿيندڙ چرپر جي کيس ڄاڻ فراهم ڪري ٿو. هنن الزام هڻندي چيو ته فوڊ انسپيڪٽر اسان کي اهو پڻ چئي ٿو ته پئسا ڀري فوڊ انسپيڪٽر ٿيو آهيان – جيترا ڀريا آهن ان کان ٻيڻا وصول ڪندس. خوراڪ کاتي جي عملدارن پاران ڪلارڪ کي رشوت عيوض فوڊ انسپيڪٽر جي چارج ڏئي شهيدن جي شهر نئون ديرو جي فوڊ سينٽر تي مقرر ڪيو ويو جيڪو نئون ديرو جي آبادگارن سان جٺيون ڪري رهيو آهي ۽ بارداڻو ننڍن هارين ۽ آبادگارن کي ڏيڻ بجاءِ واپارين، ڪارخانيدارن ۽ بااثرن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو آهي. هنن اهو پڻ الزام هنيو ته فوڊ انسپيڪٽر بارداڻي جون ٻوريون پنهنجي گهر رکي ڇڏيون آهن جتان هو واپارين توڙي بااثرن کي ڏئي رهيو آهي. هنن نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ اعليٰ انتظاميا کان فوڊ انسپيڪٽر جي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪري آبادگارن کي شفاف نموني بارداڻو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن ايوان زراعت جي اڳواڻ سراج راشدي چيو ته بارداڻو سرڪار غريب هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي ڪڻڪ سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪرڻ خاطر ڏئي ٿي پر خوراڪ کاتي جا عملدار يا مقرر فوڊ انسپيڪٽر بارداڻي جي ورڇ کي ڪاروبار بڻائي ڪرپشن ڪئي وڃي يا ته بارداڻو واپارين، ڪارخانيدارن کي وڪرو ڪري ڏنو پيو وڃي يا وري بااثر ماڻهن کي فراهم ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته ننڍا آبادگار ۽ هاري پنهنجي ڪڻڪ سرڪاري سينٽر بجاءِ واپارين کي گهٽ اگهه تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي جنهن ڪري انهن کي ڪو به لاڀ حاصل نٿو ٿئي. اصل حق ننڍن آبادگارن ۽ هارين جو آهي جيڪو انهن کي نٿو ملي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *