سپريم ڪورٽ خواجه آصف جي ڪاميابي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير ۽ بچاءَ جي وڪيٽ ڪيرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ۽ سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 تان خواجا آصف جي ڪاميابي خلاف عثمان ڊار جي اپيل رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي صدارت هيٺ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار عثمان ڊار مسلم ليگ ن جي اميدوار خواجا آصف تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳايو ۽ چونڊن ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر ڪرائڻ جو جي اپيل داخل ڪئي تنهن هوندي سپريم ڪورٽ اها اپيل رد ڪري ڪندي اليڪشن ٽريبونل جو فيصلو برقرار رکيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *