اسلام آباد (بيورو) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڃا ته اپوزيشن بالنگ ئي ناهي ڪرائي ۽ حڪومت جي اڌ ٽيم هٽ وڪيٽ ٿي چڪي آهي. اورڪزئي جلسي ۾ عمران خان جي تقرير تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم اڄ تمام گهڻو پريشان هو؟ ايتري گهٻراهٽ، ايتري ڪاوڙ، توهان چيو ته ڪير توهان جي حڪومت ڪيرائي رهيو آهي پر حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ توهان جي نالائقي، نااهلي ۽ ٻولي ئي ڪافي آهي، پاڪستان جي مفاد ۾ رڳو بيٽنگ آرڊر نه پر نالائق ڪپتان جي تبديلي به ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته نالائق ڪپتان سدائين نالائق ٽيم جي چونڊ ڪندو آهي، ڪپتان ايترو نالائق آهي جو ڪو به رانديگر ٽيم جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار ناهي، توهان جي نالائقي سبب گذريل 9 مهينن کان عوام عذاب ڀوڳي رهيو آهي، اڃا ته اپوزيشن بالنگ ئي ناهي ڪرائي ۽ حڪومت جي اڌ ٽيم هٽ وڪيٽ ٿي چڪي آهي، هاڻ گوڙ ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جا نوجوان پنهنجي نوڪري جي نه پر توهان جي نوڪري وڃڻ جون دعائون گهري رهيا آهن، ڇو ته هاڻ عوام ڄاڻي چڪو آهي ته پاڪستان ائين هلي رهيو آهي جيئن پشاور جي ميٽرو.