ڪٺپتلي حڪومت آئي آهي ته پنجاب ۾ جيالن خلاف ناانصافيون ۽ ظلم وڌي ويو آهي:بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ايس ايف راولپنڊي سٽي جي صدر شهزاد اعواڻ جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته نوجوان شاگرد اڳواڻ جو بي رحماڻو قتل منهنجي لاءِ صدمو اهي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هن ظلم ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير قانون جي چنڀي ۾ آندو وڃي هن چيو ته جڏهن کان ڪٺپتلي حڪومت آئي آهي پنجاب ۾ جيالن جي خلاف ناانصافيون ۽ ظلم وڌي ويو آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تاريخ شاهد آهي خراب حالتن ۾ به جيالن جا حوصلا هميشه مضبوط رهناد آهن پ پ پ چيئرمين شهيد ڪارڪن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ ٻڌي جو اظهار ڪيو هن چيو ته شهيد شهزاد اعواڻ جي خاندان جو ڏک سور سمجهي سگهان ٿو، پارٽي سندس ڏک ۾ گڏ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *