ڪراچي (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ڪي ڊي اي جي 98 ملازمن جي ايم ڊي اي مان واپسي متعلق درخواست تي سترهن مهينن کان پگھآر نه ڏيڻ تي ڪاوڙ جوا ظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ورتو، خميس تي سپريمڪورٽ ڪراچي ۾ رجسٽري ۾ ڪي ڊي اي جي 98 آفيسرن جي ايم ڊي اي مان واپسي متعلق ٻڌڻي ٿي. سترهن مهينن کان ملازمن جون پگھارون جاري نه ڪرڻ تي عدالت ناراض . جسٽس سجاد علي شاهه رمارڪس ۾ چيو ته اهو نهايت ئي سنجيده معاملو آهي ماڻهن جو گھر ڪيئن هلندو، ڊي جي ايم ڊي اي جي پگھار هڪ مهينو بند ڪريو ته کيس خبر پئجي ويندي، جسٽس گلزار رمارڪس ڏنا ته ملازمن کي قانون تحت ڪي ڊي اي مان ايم ڊي اي اماڻيو ويو، ڊي جي ڪي ڊي اي چيو ته ملازمن کي اسڪيمن مان ٽرانفسير ڪيو ويو هو اسڪيم تحت واپس آيا عدالت ڪي ڊي اي ۽ ايم ڊي اي جي ڊي جيز کي 28 نومبر تي لکت م وضاحت سان طلب ڪندي درخواست ڪندڙن جي اصل نوڪري متعلق تفصيل طلب ڪري ورتو، داخل درخواست ۾ هي اپيل ڪئي وئي ته اسانکي شاه لطيف ۽ تيسر ٽآئون اسڪيمن تحت ايم ڊي اي اماڻيو ويو هو ڊيپوٽِيشن متعلق عدالتي فيصلو اسان تي لاڳو نه ٿو ٿئي.