اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪي پي ۾ صحت جو نظام سنڌ کان به ويل آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ڪي پي جي اسپتالن جي گند بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سرڪاري اسپتالن مان روزاني 4 هزار 137 ڪلو ۽ خانگي اسپتالن جو گند 6 هزار ڪلو تائين روزاني آهي، اسپتالن جو گند بيمارين جو سبب بڻجي رهيو آهي. جڏهن ته ڪي پي ۾ صحت جو نظام سنڌ کان به ويل آهي. ٻڌڻي دوران صحت واري صوبائي وزير چيو ته گند ٺڪاڻي لڳائڻ جي مشينري خريد ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته روزاني 3 هزار 933 ڪلو گند ٺڪاڻي لڳايو پيو وڃي جنهن تي چيف جسٽس ڪي پي جي حڪومت کان 10 ڏينهن ۾ اسپتالن جو گندو ٺڪاڻي لڳائڻ جي پلان سميت سموري ڄاڻ سان صحت واري وزير ۽ سيڪريٽري صحت جو بيان حلفي طلب ڪندي ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.