ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئريسٽر محمد علي سيف، جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي وچ ۾ رابطا وڌائڻ ۽ ملڪي مسئلن جي حل لاءِ صلاح مشوري تي اتفاق ڪيو ويو، بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته پير پاڳارو ملڪ جي احترام جوڳي شخصيت آهي، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ سندس سياسي بصيرت اهم آهي.
ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئريسٽر محمد علي سيف، جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران سينيئر سياستدان محمد علي دراني به موجود هو.
پير پاڳاري، تحريڪ انصاف باني لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خير سگالي جو پيغام اماڻيو، بئريسٽر محمد علي سيف، پي ٽي آءِ باني طرفان پير پاڳاري ۽ جي ڊي اي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.
ملاقات دوران سياسي صورتحال ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت اهم صلاح مشورا ڪيا ويا.
تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي وچ ۾ رابطا وڌائڻ ۽ ملڪي مسئلن جي حل لاءِ صلاح مشوري تي اتفاق ڪيو ويو.
بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته پير پاڳارو ملڪ جي احترام جوڳي شخصيت آهي، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ سندس سياسي بصيرت اهم آهي.