پشاور (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف جي حڪومت کي دهشتگردن جي سهولتڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان ان کي عوام جي رت سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين.پشاور ۾ پي ڊي ايم جي جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن به مسئلا حل ڪرڻ جو وقت ايندو آهي ته عوام پاڻ کي اڪيلو سمجهندو آهي، خيبر پختونخواهه جي عوام کي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو، اسان ڪي پي جي عوام کي لاوارث نه ڇڏينداسين، هتان جي عوام رياست جو ساٿ ڏنو ۽ دهشتگردن جو مقابلو ڪيو.هن چيو ته سليڪٽڊ حڪومت ۾ دم نه هو جو دهشتگردي خلاف آواز اٿاري، ان جو بار عام ماڻهو کڻي رهيو آهي، سڄو ڪي پي ”گو عمران گو“ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، اسان هن سرزمين جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا، هيءَ بهادرن ۽ غيرتمندن جي سرزمين آهي، هتان جي عوام ملڪ جي حفاظت لاءِ زندگيون قربان ڪيون.سندس چوڻ هو ته سڀ کان اڳ ۾ اين آر او اي پي ايس جي قاتل کي مليو آهي، اين آر او احسان الله احسان دهشتگرد کي مليو آهي، سليڪٽڊ اسان جي ٻارن جي قاتل کي جيل مان ڪڍي ڇڏيو آهي، اهي ته هاڻ به سٺي دهشتگرد ۽ خراب دهشتگرد، سٺي طالبان ۽ خراب طالبان جي راند کيڏي رهيا آهن پر اسان انهن کي عوام سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين.