اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪراچي جي ميئر شهر جي شڪل خراب ڪري ڇڏي آهي.چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني خاص بينچ مڪاني ادارن جي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم اختر، بيرسٽر سيف، فردوس شميم نقوي، ليگي اڳواڻ دانيال عزيز، پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر، وفاقي وزير اسد عمر، ن ليگي اڳواڻ احسن اقبال عدالت جي ڪمري ۾ موجود هو.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عمران ٽوانه ڪيس ۾ آرٽيڪل 140 اي تي تفصيلي فيصلو ڏئي چڪا آهيون، مڪاني اختيار صوبائي يا وفاقي حڪومت کي ڏيڻ آئين جي آرٽيڪل 140 جي خلاف آهي، مقامي حڪومتن جو هئڻ جنهن جي چونڊ نه پر لازمي آهي، ڪراچي جو موجوده نظام عوام عوام کي فائدو نه پيو ڏئي.جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اختيارن جي منتقلي کان هٻڪي رهيون آهن، سياسي پارٽيون حڪومت ۾ هجن ته اختيار ڏيڻ لاءِ دل ناهي چوندو، حڪومت ۾ نه هجن ته هي اختيارن جي منتقلي جي ڳالهه ڪندا آهن، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جا مڪاني اختيار رڳو ڪاپي پيسٽ آهن، هر اقتدار ۾ ايندڙ پارٽي پاڻ کي فائدو رسائڻ لاءِ قانون سازي ڪندي آهي، سنڌ جو مڪاني قانون نه ٽن ۾ نه ئي تيرنهن ۾.ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته ڪراچي ۾ گٽر صاف ڪرڻ جو اختيار به وڏي وزير وٽ آهي.چيف جسٽس چيو ته پنج سال ايم ڪيو ايم ڇا ڪيوئ ڪراچي جي ميئر ته شهر جي شڪل کي خراب ڪري ڇڏي، گهرن ۾ پاڻي هو ماڻهو مري رهيا هئا، ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جو عملو مينهن ۾ ڪٿي نظر ناهي آيو، ڪي ايم سي ملازمن کي پنج ارب پگهار ڏني ويندي آهي، پنج ارب رپيا وٺندڙ ڪم ڪندي نظر ڇو ناهن ايندا، آئيڊيل قانون سازي به ڪري وٺون ته ڇا سمورا مسئلا ختم ٿي ويندا، سڄو عملو ڪاغذن ۾ آهي پگهارون ڪير ٻيو پيو کائي.