ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪي اليڪٽرڪ جي تفصيلي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ ريمارڪس ڏنا آهن ته شهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب جيتريون فوتگيون ٿيون، انهن جي ڪيس ۾ ڪي اليڪٽرڪ سي اي او جو نالو شامل ڪيو وڃي.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتگين جي معاملي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڪي اليڪٽرڪ سي اي او ۽ نيپرا چيئرمين عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪي اليڪٽرڪ سي اي او جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي تفصيلي آڊٽ ڪرائي وڃي، ڪي اليڪٽرڪ جو سڄو حساب ورتو وڃي، ڪيتريون تارون لڳيون، هر قسم جو مڪمل حساب ورتو وڃي.جسٽس گلزار احمد نيپرا کي هدايت ڪئي ته ڪراچي وارن جي بجلي بند ڪرڻ تي جيترو ڏنڊ لڳي ٿو لڳايو، ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ ڪجهه به نه ڪيو ، انهن خلاف قتل جو ڪيس ٺاهيو.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سڄي انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪيو، ڪرنٽ لڳڻ سان جيتريون فوتگيون ٿيون، سڀني ايف آءِ آرز ۾ ڪي اليڪٽرڪ سي اي او جو نالو وجهو.معزز چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به علائقي ۾ هڪ منٽ به بجلي بند ڪرڻ تي نيپرا نوٽيس وٺي، گذريل رات مان ڪراچي آيس ته شاهراهه فيصل جون سڀ لائيٽون بند هيون، علائقي ۾ اونداهي هئي ۽ ماڻهو گهرن کان ٻاهر ويٺا هئا.ٻڌڻي دوران عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل کي چيو ته توهان به ڪراچي جا شهري آهيو، توهان کي به احساس هجڻ گهرجي، هاڻ 21 ماڻهو مُئا آهن، توهان وڃي اسٽي وٺي ڇڏيندا آهيو، ان تي ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته ماڻهو گهرن ۾ مُئا آهن.عدالت چيو بجلي جو ڪو نه ڪو فالٽ هوندو آهي ته ماڻهو مرندو آهي، روڊن تي به ماڻهو مُئا آهن، ارٿ وائر ئي ختم ڪيون ويون آهن.چيف جسٽس ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل کي چيو ته اسان توهان جي پرڏيهي مالڪن جي ذهنيت سمجهون ٿا، اهي اسان کي غلام سمجهن ٿا، اهي ڪچرو سمجهن ٿا پاڪستانين کي، انهن جي ته اٺ جي قيمت به پاڪستاني کان وڌيڪ آهي.ان دوران چيف جسٽس ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رد ٿيڻ تي نيپرا چيئرمين کان پڇيو ته ان جو لائسنس معطل ٿي وڃي ته توهان وٽ ڪهڙو متبادل آهي؟ جڏهن کان انهن ٽيڪ اوور ڪيو آهي سسٽم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، چون ٿا ڪراچي وارا بجلي چوري ٿا ڪن، اهي ڪير ٿيندا آهن ته چوڻ وارا؟ان دوران ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او عدالت کي ٻڌايو ته گذريل 10 سالن ۾ اڍائي ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪئي آهي.چيف جسٽس ڪي اليڪٽرڪ سي اي او جي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڪراچي وارن کي ڀاشن نه ڏيو، هڪ منٽ لاءِ به بجلي بند نه ٿيڻ گهرجي سمجهيوَ؟ جيتري توهان سيڙپڪاري ڪئي آهي، ان کان وڌيڪ نقصان ڪيو آهي، خبر اٿو جڏهن بجلي بند ٿيندي آهي ته گهرن ۾ ڪهڙو حشر هوندو آهي؟ عورتون دانهون ڪنديون آهن انهن جو احساس آهي توهان کي؟ توهان سڄي دنيا ۾ ڊيفالٽر آهيو، وڏا وڏا ڏنڊ لڳا آهن.