ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا تعصب جي بنياد تي 20 سالن کان ڪم ڪندڙ 12 سنڌي آفيسرن کي بنا جواز نوڪرين تان جبري رٽائر ڪري ڇڏيو

ملير(رپورٽ: سيدصابرشاھ) ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا تعصب جي بنياد تي 20 سالن کان ڪم ڪندڙ 12 سنڌي آفيسرن کي بنا جواز نوڪرين تان جبري رٽائر ڪري ڇڏيو، وڌيڪ 4 سو آفيسرن ۽ ملازمن جو لسٽون تيار، سنڌي آفيسرن ۽ ملازمن ۾ بي چيني، جبري برطرف ٿيندڙ آفيسر عدالت پهچي ويا، سنڌ حڪومت کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل، خبر موجب ڪي اليڪٽرڪ انتطاميا تعصب جي بنياد تي بنا جواز 12 سنڌي آفيسرن کي نوڪرين تان جبري رٽائر ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب وڌيڪ 4 سو سنڌي آفيسرن ۽ ملازمن کي نوڪرين تان جبري رٽائر ڪرڻ لاءِ لسٽ ٺاهي وئي آهي، جنهن سبب ڪي اليڪٽرڪ ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر ۽ ملازمن ۾ بي چيني وڌي وئي آهي، جڏهن ته جبري برطرف ڪيل 12 آفيسرن ۾ ڊائريڪٽر قاضي تميزالدين، جنرل مئينيجر عبدالمجيد پليجو، الله ڏنو ميمڻ، ڊي جي ايم منصوراحمد شيخ، ڊي جي ايم رفيق احمد شيخ، ڊي جي ايم منظورجمالي، مئنيجر آصف ڪريم شيخ، جنرل مئنيجر عبدالطيف روڌائي، ڊي جي ايم ذوالفقار سميت ٻيا آفيسر شامل آهن، جن جبري برطرفين خلاف سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ڪيس پڻ داخل ڪيو آهي، جڏهن ته جبري برطرف ٿيندڙ آفيسرن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان گذريل 15 کان 20 سالن تائين نهايت ئي ايمانداري سان ڪم ڪري رهيا هئاسين، اسان کي بنا جواز جبري رٽائر ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل تعصب پرستي ۽ بد ديانتي تي ٻڌل آهي، هنن چيو ته اسان جو ڏوھ اهو آهي ته اسين سنڌي آهيون، ٻيو ڪو به ڏوھ ناهي، هنن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جي زيادتين خلاف سنڌ هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آجهي، اميد ته عدالت انصاف ڪندي، اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندي، جبري برطرف ڪيل آفيسرن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ، چئيرمين نيپرا، سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ جي جبري برطرفين جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ جبري رٽائر ڪيل سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي بحال ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *