ڪيلي فورنيا جي ٻيلن ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا
December 12, 2024 at 10:34 pmڪيلي فورنيا جي ٻيلن ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن.
آمريڪي رياست ڪيلي فورنيا جي ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه مسلسل پکڙجي رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست ڪيلي فورنيه جي سامونڊي شهر مليبو ۾ ٽي ڏينهن اڳ ٻيلي ۾ لڳل باهه شدت سان پکڙجي رهي آهي، جنهن هن وقت تائين 4 هزار ايڪڙ ايراضي کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب باهه سبب 6 هزار کان مٿي ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن هليا ويا آهن، جڏهن ته باهه سبب 6 عمارتون مڪمل طور تباهه ٿي ويون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب 2 هزار کان مٿي فائر فائٽرز باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن