ڪيس نئين ڳالهه ناهي، خواجه آصف جو بيان آپوزيشن ورهائڻ آهي: آصف زرداري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته خواجا آصف مون بابت جيڪو بيان ڏنو، ان جو مقصد اپوزيشن کي ورهائڻ هو.راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته اسان اپوزيشن ۾ هوندا آهيون ته اهڙي قسم جا ڪيس ٺهندا رهندا آهن، اهڙن ڪيسن کي منهن ڏئي چڪا آهيون، نهنجي لاءِ اهڙا ڪيس ڪا اهميت نٿا رکن.خواجا آصف جي بيان تي ردعمل ڏيندي آصف زرداري چيو ته هن اهو بيان ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي ڏنو هوندو، مقصد اپوزيشن کي ورهائڻ هو.هن وڌيڪ چيو ته هاڻ ٽي وي تي ڪنهن جي تقرير روڪڻ وس جي ڳالهه ناهي، موبائل جي صورت ۾ ماڻهن جي هٿن ۾ هاڻ ٽي وي آهي.وفاقي حڪومت وٽ ڪيترو وقت ڏسي رهيا آهيو جي سوال تي جواب ڏيندي اڳوڻي صدر چيو اڃا ته اسان بسم الله ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *