ڪيسن جي پرواهه ناهي، اسان ڪنهن کان نه ٿا ڊڄون، ڪرسي اچڻي وڃڻي شيءِ آهي: پرويز خٽڪ

پشاور(م ڊ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ عمران خان جي فيصلي جي آجيان ڪندي سڀاڻي اسلام آباد پهچڻ جو اعلان ڪيو آهي،ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته ڪيسن جي پرواهه ناهي، اسان ڪنهن کان نه ٿا ڊڄون، ڪرسي اچڻي وڃڻي شيءِ آهي،اسان جي احتجاج جو مقصد حڪمرانن تائين اهو پيغام پهچائڻو هو ته ڪرپشن هاڻي نه هلندي، توهان کي حساب ڏيڻو پوندو،هي ڪهڙو حڪومت جيڪا آئين ۽ عدالتن کي نه ٿي مڃي ۽ اسان جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ شيلنگ ڪئي وئي، هن چيو ته حڪمرانن کي چوان ٿو ته مونکي گولي هڻو لاش بني گالا پهچندو تڏهن توهان جي دل ٺرندي، اسان پرامن هئاسين ۽ پنهنجي قائد سان ملڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *