اسلام آباد (م ڊ) نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ درياهن ۾ ايندڙ پاڻي کي 1991 جي پاڻي معاهدي موجب ورهايو وڃي ٿو، ۽ ڪو به صوبو ڪنهن ٻئي صوبي جو هڪ ڦڙو به پاڻي اجايو نٿو وٺي سگهي. احسن اقبال جو چوڻ هو ته ارسا چيئرمين جي مقرري تي پيپلزپارٽي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو، پر اسان ان کي مقرر نه ڪيو. وفاق اهڙي ڪنهن به فيصلي جي حمايت نه ڪندو جنهن سان سنڌ جو پاڻي گهٽجي. هن اهو به واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪو صوبو پنهنجي حصي جي پاڻي ۾ ڪئنال ٺاهي ٿو ته ان کي روڪي نٿو سگهي.