ڪو به عدالتي فيصلو عوام سان تعلق نه ٿو ٽوڙي سگهي: نواز شريف
November 20, 2017 at 3:11 am![](http://dailynawaisindh.com/wp-content/uploads/2017/11/Nawaz-Sharif-1.jpg)
يبٽ آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪو به عدالتي فيصلو سندس عوام سان تعلق کي ٽوڙي نه ٿو سگهي. ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته نواز شريف هڪ نظري جو نالو آهي، جيڪو پاڪستان ۾ انقلابي تبديلي آڻيندو. هن چيو ته پاناما جو ڊرامو ڪيو ويو، جنهن پٽيشن کي فضول قرار ڏئي خارج ڪيو ويو بعد ۾ وري مقدس قرار ڏنو ويو، منهنجي خاندان کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو، واٽس ايپ جو تماشو ڪيو ويو پوءِ ڪجهه انمولا هيرا ڳوليا ويا. سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي جوڙي وئي جنهن سامهون مون سميت پٽ ۽ نياڻي به پيش ٿي پر سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود نواز شريف خلاف هڪ پائي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي. نواز شريف چيو ته جڏهن سموريون ڪوششون ناڪام ٿيون ته چيو ويو نواز شريف پنهنجي پٽ کان پگهار نه ورتي آهي جنهن ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته عوام جي خدمت ڪري عوامي محبتون ميڙيون آهن. سندس چوڻ هو ته 2013ع ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ عروج تي هئي، امن امان جي صورتحال بدتر ٿيڻ سبب ملڪي معيشت ٻڏي رهي هئي پر هنن عوام کي امن جو تحفو ڏئي پرڏيهي سيڙپڪاري آندي ۽ بجلي جا نوان منصوبا لڳائي عوام کي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ڏياريو آهي.