ڪوڙ ۽ يوٽرن تي هلندڙ حڪومت الزام لڳائڻ کان اڳ حقيقتون ڏسي ته يوٽرن نه وٺڻا پون: ن ليگ

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف عمران خان وانگر سير ۽ تفريح لاءِ هيليڪاپٽر استعمال نه ڪيو ڪوڙ ۽ يوٽرن تي هلندڙ حڪومت الزام لڳائڻ کان اڳ حقيقتون ڏسي ته يوٽرن نه وٺڻا پون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته شهباز شريف جهاز ۽ هيليڪاپٽر رڳو عوامي خدمت جي ذميواري نڀائڻ لاءِ ڪيو وڏي وزير جي حيثِيت سان شهباز شريف پنهنجي استحقاق ۽ قانون موجب اها سهولت حاصل ڪئي هئي. هن چيو ته سول ايوي ايشن پنجاب حڪومت جو جهاز خراب قرار ڏنو هو پر شهباز شريف چئن ارب رپين جو نئون هيليڪاپٽر وٺڻ کان انڪار ڪيو شهباز شريف وڏي وزير طور لڳاتار عوام جي خدمت لاءِ پرائيويٽ جهاز استعمال ڪيو ۽ ڪڏهن به هڪ رپيو پنجاب حڪومت کان نه ورتو جنهن جو رڪارِڊ لاگ بڪ ۾ موجود آهي هن چيو ته ٻين جي خلاف ڪوڙا الزام لڳائڻ بدران عمران خان پنهنجي هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻ بابت نيب کي وضاحت پيش ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *