اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ ڪوڙي شاهدي بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ عدليا کي ڪوڙي شاهدي تي ڪنهن به قسم جي ڌر نه ڏيڻ جو چيو ويو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا 31 صفحن تي ٻڌل فيصلو پاڻ لکيو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ڪوڙي شاهدي تي ڪوڙي شاهد خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سچ انصاف جي بنياد ۽ انصاف ڪنهن به مهذب معاشري جي بنياد هوندو آهي. سچ تي سمجهتو ڪرڻ اصل ۾ معاشري جي مستقبل سان سمجهتو هوندو آهي. فيصلي موجب اسان جي عدالتي نظام کي سچ کان پاسو ڪرڻ تي وڏو نقصان ٿيو، ان سنگين غلطي کي درست ڪرن جو وقت اچي ويو آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته جيڪو هڪ جاءِ تي ڪوڙو هوندو اهو هر جاءِ تي ڪوڙو هوندو، شاهدي جي ڪنهن حصي ۾ ڪوڙ تي سموري شاهدي ڪوڙي مڃي ويندي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته عدالتون ڪوڙي شاهد خلاف ڪنهن به قسم جي ڍر نه ڏيکارين ۽ ڪوڙي شادي ڏيڻ تي ڪارروائي ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس کي فيصلي جي ڪاپي سمورن هاءِ ڪورٽن کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي جڏهن ته هاءِ ڪورٽن کي فيصلي جا نقل ماتحت عدالتن جي ججن ڏانهن اُماڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ قراني آيتن جو به حوالو ڏنو ويو آهي، ايمان جون گهرج آهي ته سچي شاهدي ڏني وڃي، سچي شاهدي جي غيرموجودگي ۾ انصاف ممڪن ناهي، ڪوڙي جي حمايت سان ناانصافي ۽ انصاف خلاف جارحيت کي هٿي ملندي. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسلام به شاهدي ۾ حقيقتون لڪائڻ کان روڪي ٿو، ڪوڙي شاهدي انصاف کي نقصان پهچائندي آهي ۽ ڪوڙي شاهدي عوام جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي لاءِ به خطرو آهي.