ڪوڙي اڪائونٽ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جواب جمع نه ڪرايو

اسلام آباد(بيورو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري قومي احتساب بيورو ۾ جواب جمع نه ڪرايو. ڪوڙي بينڪ اڪائونٽ ڪيس جي جاچ ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري کي پهرين اپريل تائين نيب راولپنڊي ۾ جواب جمع ڪرائڻو هو پر ٻنهي اڳواڻن جواب جمع نه ڪرايو. ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ ڏنل ڊيڊ لائن اڄ ختم ٿي وئي ۽ نيب جي ڪمبائن انويسٽي گيشن ٽيم لکت واري جواب جو انتظار ڪري رهي آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي وڪيل جي ذريعي يا وري ذاتي طور تي نيب جي سامهون پيش ٿي جواب جمع ڪرائڻ جو چيو ويو هو پر ٻنهي اڳواڻن جواب جمع ڪرائڻ واري مهلت لاءِ نيب سان رابطو ناهي ڪيو. ذريعن موجب نيب پارڪ لين ۽ لگزري گاڏين واري ڪيس بابت جواب طلب ڪيو هو جڏهن ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو لکت وارو جواب جي درخواست ڪئي هئي. ٻئي پاسي نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد ابقل چيو ته ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو ۽ عوام جي ڦريل رقم جي واپسي نيب جي پهرين ترجيح آهي. نيب چيئرمين چيو ته نيب عوام جي بدعنواني بابت شڪايتن جو قانون ۽ ثبوتن موجب جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ بدعنوان نصرن کي قانون جي موجب منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *