ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي معطلي پاڪستان سان سڪيورٽي سهڪار ختم ٿيڻ جو حصو آهي: پينٽاگون

واشنگٽن ( م ڊ ) پينٽاگون جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سان سڪيورٽي سهڪار جي معطلي جو اعلان جنوري 2018ع ۾ ڪيو هو ۽ جنهن ۾ اتحادي سپورٽ فنڊ به شامل آهي. پينٽاگون جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي 30 ڪروڙ ڊالر امداد رد ڪرڻ بابت اعلان نئون فيصلو يا نئون اعلان ناهي، اهو اعلان فنڊن جي نئين سر ترتيب لاءِ مدو ايڪسپائر ٿيڻ کان اڳ پهرين جولاءِ جي درخواست جي توثيق آهي. ترجمان چيو ته ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي معطلي جي صورتحال برقرار آهي، پاڪستان سان سڪيورٽي سهڪار جي معطلي جو اعلان جنوري 2018ع ۾ ڪيو ويو هو، سڪيورٽي سهڪار رد ٿيڻ ۾ اتحادي سپورٽ فنڊ به شامل آهي ۽ 30 ڪروڙ ڊالر روڪڻ جي خبرن ۾ ڪيترين ئي شين کي حقيقت کان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، فنڊ روڪڻ جي تازي خبرن سان ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي تفصيلن کي بگاڙيو ويو. هن چيو ته آمريڪا جنوري کان پاڪستاني فوجي اختيارين سان اعليٰ ترين سطح تي رابطي ۾ آهي، آمريڪا ۽ پاڪستان سمورن دهشتگرد گروپن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا افغانستان جو مستقبل پرامن هئڻ جو ويزن رکن ٿا.  هن چيو ته پاڪستان تي حقاني گروپ سميت سمورن دهشتگرد گروپن خلاف بنا فرق ڪارروائي لاءِ دٻاءُ وجهندا رهنداسين، طالبان قيادت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ يا وري گرفتار ڪري بي دخل ڪرڻ لاءِ به پاڪستان تي دٻاءُ وجهندا رهنداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *