اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته خوشي جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ جنسي امتياز جو فرق ختم ٿي رهيو آهي. ڪوشش آهي ته نوجوان مستقبل جي چيلنجن کي منهن ڏيندا. تفصيل موجب ڪونسل آف آرٽ ۾ هيومن ڊويلپمينٽ رپورٽ جي تقريب ٿي. وفاقي گهرو وزير احسن اقبال تقريب کي خطاب ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ جنسي امتياز جو فرق ختم ٿي رهيو آهي. جيڪو وڏو سوچيندو آهي اُهو پنهنجي مستقبل جو خواب ڏسندو آهي، جو برو سوچيندو آهي اُهو پاڻ کي خراب ڪندو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان معاشري ۾ مايوسي تيزي سان وڌڻ لڳي آهي. پاڪستان کي چيلنجن کي منهن ڏيڻو پيو پوي ان کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. منهنجو تعلق پٺتي پيل علائقن سان آهي جتي پهرين تعليم جو فقدان هو، هاڻ اُتي 80 سيڪڙو ڇوڪرين ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته ڇوڪريون مستقبل ۾ سٺو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. نوجوانن کي ذهني واڌ ويجهه، تفريح جا موقعا به ڏيڻ گهرجن. ڪوشش آهي ته نوجوان مستقبل جي چيلنجن کي منهن ڏين.