ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس: ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي تي ڳڻتي، سيز فائر ڀڃڪڙين تي غور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ملڪ ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ جيو اسٽريٽجڪ، علائقائي ۽ قومي سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. فورم افغان امن عمل ۾ مثبت اڳڀرائي جو به هڪ گڏيل جائزو ورتو ۽ ملڪي اندرين سلامتي، سرحدن سميت ايل او سي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.فورم ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۽ پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيد اڪرڻ جي ڪوششن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت جي دهشتگردي جي تنظيمن جو مالي سهڪار ٿيڻ، سي پيڪ کي تار تار ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ لاءِ دهشتگردن جي تربيت خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي خلاف آهي.فورم ۾ ڀارتي فورسز طرفان ايل او سي تي سول آبادي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ ۽ سيز فائر ڀڃڪڙين ۾ تازي واڌ جو معاملو به غور هيٺ آيو. فورم ڀارتي فائرنگ سبب ايل او سي جي ڀرسان رهندڙ بي گناهه شهرين کي بچائڻ لاءِ سمورا قدم کڻڻ ۽ ڪنهن به غلط ڪارروائي جي خلاف مادر وطن جي دفاع لاءِ مضبوط جو اظهار ڪندي چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ بدامني جون ڪوششون به خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي خلاف آهن.فورم ڪووڊ-19 جي صورتحال ۽ ٻي لهر کان پوءِ وبائي مرضن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ضروري بندوبستن تي به غور ڪيو. آرمي چيف خاص طور تي سمورن ڪمانڊر کي قومي ڪوششن جي حمايت لاءِ قدمن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪ فوج رياستي ادارن ۽ قومن جي سهڪار سان سمورن اندرين ۽ ٻاهرين چيلنجن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *