اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ نيب ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ قومي احتساب بيورو جي عملدارن کي اداري جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ نيب اندر غيرقانوني ڀرتين بابت پاڻمُرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت نيب جي وڪيل خواجه حارث جي پيش نه ٿيڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وڪيل کي جهاز تي عدالت پهچڻ گهرجي ها. چيف جسٽس رماڪس ڏنا ته ڪورٽ مارشل ٿيل شخص کي ڊي جي نيب لڳايو ويو آهي، جڏهن ته اهڙو شخص سرڪاري عهدي لاءِ اهل ناهي هوندو. عدالت چيو ته نيب ۾ اهڙن آفيسرن کي ڀرتي ڪيو ويو، جڏهن ڪڏهن درخواست نه ڏني هئي، اهو رواج بڻجي چڪو آهي، ماضيءَ ۾ به ائين ئي ڀرتيون ٿيون هونديون.