اسلام آباد( بيورو چيف ) : وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي تياري مڪمل آهي. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جون تياريون مڪمل آهن، بري وقت لاءِ پنهنجي تياري مڪمل هجڻ گهرجي، هڪ هفتي اندر ڊاڪٽرن جي تربيت ڪرائي ويندي، هميشه بهتري جي گنجائش هوندي آهي.ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته صورتحال تبديل ٿيڻ تي حڪمت عملي به تبديل ڪرڻي پوندي، ڊاڪٽرن جو انگ ٻيڻ کان وڌائڻو پوندو، ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ سخت نگراني جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ڪورونا وائرس جهڙي موذي مرض کي سنجيده نه پيو وٺي.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي هاڻ طبيعت بلڪل ٺيڪ آهي، ڪورونا وائرس هڪ عالمي وبا آهي جيڪا 180 ملڪن ۾ پکڙجي وئي آهي پر ملڪ جو عوام ان مسئلي تي سنجيدگي نه پيو ڏيکاري.هن چيو ته ماڻهو پنهنجن ٻارن کي پارڪس ۽ ريسٽورينٽس ۾ وٺيو پيا وڃن، جيستائين ماڻهو پنهنجون ذميواريون نه نڀائيندا تيستائين ڪورونا جو مقابلو نه ڪري سگهنداسين.پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته چين ڪورونا وائرس سان ان ڪري وڙهي سگهيو جو عوام ان جو ساٿ ڏنو، اڄ چين اندر ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي.