ڪورونا پاڪستان ۾ وڌيڪ 19 حياتيون کَسي ورتيون، 386 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد /ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 19 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 505 ٿي ويو، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 21 هزار 838 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ هيل تائين سڀ کان وڌيڪ 185 فوتگيون خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 148، پنجاب ۾ 144، بلوچستان ۾ 21، اسلام آباد ۾ 4 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.اڄ اڱاري ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 386 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 19 فوتگيون سامهون آيون آهن، جن ۾ سنڌ ۾ 307 ڪيس ۽ 11 فوتگيون، پنجاب ۾ 30 ڪيس ۽ 8 فوتگيون، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 49 ڪيس سامهون آيا آهن.پنجاب ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 30 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 8 فوتگيون به سامهون آيون آهن، جنهن جي تصديق پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ترجمان طرفان ڪئي وئي.ترجمان موجب صوبي ۾ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 8133 ۽ فوتين جو انگ 144 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته هيل تائين 2716 ڄڻا ان وائرس کي شڪست به ڏئي چڪا آهن.سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 307 ڪيس ۽ 11 فوتگيون سامهون آيون آهن، جڏهن ته رڳو ڪراچي ۾ 237 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسان وڌيڪ 2250 ٽيسٽون ڪيون، جنهن کانپوءِ ٽيسٽن جو مجموعي انگ 68 هزار 873 ٿي ويو آهي.هن ٻڌايو ته اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 307 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 11 فوتگيون به سامهون آيون آهن، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 8189 ۽ فوتگين جو گڏيل انگ 148 ٿي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته 307 نون ڪيسن مان سڀ کان وڌيڪ 237 ڪراچي مان رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ سينٽرل ضلعي مان 70، اوڀر ضلعي مان 45، ملير مان 55، ڏکڻ ضلعي مان 34، ڪورنگي مان 21 ۽ اولهه مان 12 ڪيس رپورٽ ٿيا.سيد مراد علي شاهه موجب خيرپور ۾ 21، ڪشمور ۾ 12، ڪنڌڪوٽ ۾ 12، لاڙڪاڻي ۾ 8، حيدرآباد ۾ 5، بدين، سانگهڙ ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هڪ – هڪ مريض سامهون آيو.وڏي وزير جو چوڻ هو ته اڄ وڌيڪ 42 ڄڻا صحتياب ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو گڏيل انگ 1671 ٿي ويو آهي.هن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته هڪٻئي جو خيال رکو، ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان ئي وبا تي ضابطو آڻي سگهون ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *