اسلام آباد / ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 4 هزار 484 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ هڪ لک 46 هزار 254 تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته وائرس سان متاثر وڌيڪ 120 مريضن جي لاڏاڻي کانپوءِ فوتين جو ڪُل انگ 2 هزار 751 ٿي ويو آهي.سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 22 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 17 سئو 76 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 55 هزار 581 ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ هزار 91 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته ڪشمور ۾ 66، حيدرآباد ۾ 55، گهوٽڪي، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ 29-29 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. وڏي وزير موجب جيڪب آباد ۽ سکر ۾ 26-26، ميرپور خاص ۽ ٺٽي ۾ 24-24، شڪارپور ۽ بدين ۾ وڌيڪ 8-8 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته ڄامشوري ۾ 13، قمبر ۾ 11، شهيد بينظير آباد ۾ 10، سانگهڙ ۾ 9، دادو ۾ 7، عمرڪوٽ ۾ 6، ٽنڊو الهيار ۾ 5، مٽياري ۾ 3 ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ وڌيڪ 2 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 22 مريض فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ فوتين جو تعداد وڌي 853 ٿي ويو آهي. وڏي وزير موجب هن وقت تائين 26 هزار 705 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 627 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 87 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن. وڏي وزير چيو آهي ته اڄ وڌيڪ 2 هزار 417 مريض ٺيڪ ٿي گهرن ڏانهن هليا ويا، هيل تائين صحتياب ٿيلن جو تعداد 28 هزار 23 ٿي ويو. پنجاب ۾ سومر ڏينهن ڪورونا وائرس جا هڪ هزار 537 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 54 هزار 138 ٿي ويو آهي.انگن اکرن موجب پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 62 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ وائرس سان فوتين جو گڏيل انگ هڪ هزار 31 ٿي ويو آهي.خيبر پختونخواهه ۾ هڪ ڏينهن دوران 32 فوتگيون رپورٽ ٿيون ۽ 459 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.انگن اکرن موجب صوبي ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيندڙن جو انگ 18 هزار 472 ۽ فوتين جو انگ 707 ٿي ويو آهي.