ڪورونا وائرس: 14 ڏينهن مڪمل ڪندڙ 1277 زائرين ڪليئر قرار،823 نوان زائرين گهرن تائين محدود

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا جي شڪ سبب ٻن ڏينهن اندر 14 شڪي مريضن جي ڪرايل ٽيسٽن جا سمورا نتيجا منفي آيا، ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ صحت واري سيڪريٽري زاهد عباسي ٻڌايو ته ڪالهه تائين 67 ڄڻن جون ٽيسٽون ڪرايو ويون آهن، انهن مان فقط ٻن کي مثبت قرار ڏنو ويو آهي، اهي ٻئي مريض تيزي سان صحتياب ٿي رهيا آهن، مجموعي طور زائرين جو انگ 2398 آهي، انهن مان 1277 زائرين پنهنجن گهرن ۾ رهي 14 ڏينهن مڪمل ڪيا آهن، جن کي مشڪوڪ ماڻهن جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي. وڌيڪ 823 ماڻهن کي پنهنجن گهرن ۾ محدود ڪيو ويو آهي. ضلعي ريسپانس ٽيمن اٽڪل 2100 ماڻهن جو پتو لڳايو آهي، 298 زائرين سان اڃا تائين رابطو نه ٿي سگهيو آهي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪري چوي ته ايران مان ايندڙ ماڻهن کي 14 ڏينهن لاءِ آئسوليسن ۾ رکڻ بعد سنڌ سميت ٻين صوبن ڏانهن موڪليو وڃي. هن سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي تافتان کان جيڪب آباد ۽ حب رستي ايندڙ سمورن زائرين تي نظر رکن. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته اها تافتان ۾ آئسوليشن جو بندوبست ڪري،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *