اسلام آباد/ ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 51 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 1134 ٿي ويو، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 64028 ٿي ويو آهي.جمعي ڏينهن سڄي ملڪ مان ڪورونا جا وڌيڪ 1332 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 51 فوتگيون به سامهون آيون، جن مان پنجاب ۾ 972 ڪيس ۽ 29 فوتگيون، بلوچستان ۾ 312 ڪيس ۽ 19 فوتگيون، اسلام آباد ۾ 85 ڪيس ۽ 3 فوتگيون، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8 ڪيس ظاهر ٿيا.سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 31 ڄڻا فوت ٿي ويا، 15 سئو 36 مريض صحتياب ٿي گهرن ڏانهن هليا ويا، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 308 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي جن مان 52 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. گذريل 24 ڪلاڪن بابت ڪورونا جا انگ اکر جاري ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته ڪراچي ۾ 597، حيدرآباد ۾ 37 ۽ گهوٽڪي ۾ 24 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ 23، جيڪب آباد، ڄامشوري ۾ 10-10، شڪارپور، بدين ۾ 7-7، دادو ۾ 4، عمرڪوٽ ۾ 3 ۽ سانگهڙ ۾ ٻه نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪشمور،خيرپور، مٽياري، نوابشاهه ۽ ٽنڊو الهيار ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير اڄ 31 مريض فوت ٿي ويا جنهن تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، الله پاڪ اسان تي رحم ڪري. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت تائين 12 هزار مريض علاج هيٺ آهن، 1 1 هزار مريض گهرن ۾، 126 آئيسوليشن مرڪزن ۽ 908 مريض اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.